رهي رسول بخش

’رهي‘ رسول بخش: مغل خاندان جو چشم چراغ رسول بخش ’رهي‘ اصل ۾ جيڪب آباد جو رهواسي هو، جنهن ڀاڳناڙي بلوچستان مان رئيسائي بروهين مان شادي ڪئي ۽ بروهي زبان به ڳالهائيندو هو، ان ڪري کيس هرڪو بروهي سمجهندو ۽ سڏيندو هو. سٺو شاعر ۽ عالم هو. سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. برطانوي حڪومت سندس قابليت ڏسندي، کيس شڪارپور ۾ مختيارڪار جو ڪلارڪ مقرر ڪيو، جتان ترقي ڪري مختيار ڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. خان قلات خان خداداد خان جي وفات کانپوءِ سندس خاندان ۾ وڏو ڏڦيڙ پيدا ٿيو، جنهن کي دور ڪرڻ لاءِ انگريزن رسول بخش ’رهي‘ کي قلات جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو، جتي هن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان انهيءَ خاندان ۾ صلح ڪرايو، نتيجي ۾ کيس برطانيه گورنمينٽ ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو. ڪجهه وقت لاءِ خيرپور رياست جي ميرن کيس نائب وزير مقرر ڪيو. سندس فرزند غلام سرور مغل به سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. رسول بخش ’رهي‘ جو ڀاءُ غوث بخش ’خاڪي‘ به سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
رسول بخش 1912ع ۾ جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي. کيس ميول شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتي خاندان وارن قبر تي جنڊيءَ جو هڪ خوبصورت ڪٽهڙو تعمير ڪرايو هو، جيڪو زبون حالت ۾ اڃا تائين موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو